ٽه چوٽي

ٽه چوٽي: کيرٿر جبل ۾ ممٿل چوٽيءَ کان هيٺ لهڻ سان هڪ اهڙيءَ جڳهه تي پهچبو، جنهن کي ’ٽه چوٽيءَ‘ سڏجي ٿو. ان جڳهه تي هميشه ڪي نه ڪي لڏا لٿل ضرور ملندا آهن. اتي هڪ وڏو قبرستان به آهي، جنهن بابت روايت آهي ته اٽڪل چار صديون اڳي بروهين ۽ رندن جو پاڻ ۾ پاڻيءَ ۽ چوپائي مال تان هڪ وڏو تڪرار ٿيو هو، جنهن ۾ ٻنهي قبيلن جا ڪيترا ماڻهو مارجي ويا هئا، جن کي اتي دفن ڪيو ويو هو. رندن جي سردارن جا نالا مير چاڪر خان (وفات 1582ع) ۽ مير امام بخش خان هئا، بروهين جي سردار جو نالو مير پاهڙ خان هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو